دعا زهرا ڪيس: گرفتار 10جوابدارن کي آزاد ڪرڻ جو حڪم

0
214

ڪراچي جي عدالت دعا  زهرا ڪيس ۾ گرفتار 10 جوابدارن کي آزاد ڪرڻ جو حڪم ڏيندي نڪاح خوان ۽ گواهه کي رمانڊ تي جيل موڪلي ڇڏيو

جڊيشل مئجسٽريٽ اوڀر جي عدالت ۾ دعا زهرا ڪيس جي ٻڌڻي ٿي، جنهن دوران گرفتار جوابدار کي پيش ڪيو ويو

عدالت گرفتار 10 جوابدارن خلاف ڪيس خارج ڪرڻ جو حڪم ڏيندي کين آزاد ڪرڻ جي هدايت ڪئي آهي، جڏهن ته جوابدارن کي ذاتي مچلڪا جمع ڪرائڻ جو پڻ حڪم ڏنو ويو آهي

عدالت چيو آهي ته گرفتار 10 جوابدار کي آزاد ڪيو وڃي، ضرورت پوڻ تي جوابدار پوليس سان سهڪار ڪرڻ جا پابند هوندا

عدالت نڪاح خوان غلام مصطفيٰ ۽ گواهه علي اصغر کي عدالتي رمانڊ تي جيل موڪلي ڇڏيو آهي

عدالت عورت فداد بيبي سميت 10 ڄڻن کي آزاد ڪرڻ جو حڪم ڏنو آهي، ڪيس ۾ ڪل 12 جوابدار گرفتار ھئا جن مان 2 ڄڻن کي رمانڊ تي جيل اماڻيو ويو آھي

ھي به پڙھندا

دعا زهرا کي مڙس ڏانهن وڃڻو آهي يا والدين ڏانهن، پاڻ فيصلو ڪري: عدالت فيصلو ٻڌائي ڇڏيو