ڪراچي (اسٽاف رپورٽر)  ڪراچي مان اغوا ڄاڻايل شاگردياڻي دعا زهره جي والد سنڌ هاءِ ڪورٽ جي فيصلي کي سپريم ڪورٽ ۾ چيلنج ڪري ڇڏيو، ڪالهه دعا زهره جي والد مهدي ڪاظمي پنهنجن وڪيلن  سان گڏ سپريم ڪورٽ ڪراچي رجسٽري پهچي دعا زهره بابت سنڌ هاءِ ڪورٽ جي 8 جون واري فيصلي خلاف اپيل داخل ڪئي. مهدي ڪاظمي درخواست ۾ ڄاڻايو آهي ته سنڌ هاءِ ڪورٽ دعا زهره کي سندس مرضي موجب فيصلو ڪرڻ جو حڪم ڏنو هو، عدالت دعا زهره جي بيان ۽ ميڊيڪل ٽيسٽ جي بنياد تي اهڙو فيصلو ڏنو. مهدي ڪاظمي درخواست ۾ ڄاڻايو ته ميڊيڪل رپورٽ ۾ دعا جي عمر 17 سال ٻڌائي وئي، جڏهن ته نادرا ريڪارڊ ۽  تعليمي سندن موجب دعا جي عمر 14 سال آهي، سنڌ هاءِ ڪورٽ جي فيصلي بعد پوليس ڪيس جو چالان سي ڪلاس ۾ ٽرائل ڪورٽ ۾ جمع ڪرائي ڇڏيو. مهدي ڪاظمي موجب سنڌ هاءِ ڪورٽ جي فيصلي ۾ خاميون آهن. مهدي ڪاظمي عدالت کان درخواست تي فوري ٻڌڻي جي گذارش به ڪئي. هوڏانهن دعا زهره جي والد مهدي ڪاظمي پنهنجي وڪيل سان گڏ ڪراچي پريس ڪلب ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي  چيو آهي ته سندس ڌيءِ واري ڪيس ۾ پوليس جو رويو سڀني جي سامهون آهي. پوليس مون سان ڪو به تعاون نه ڪيو آهي ، دعا زهره جي عمر  گهٽ آهي. هن وقت دعا زهره کي پرڏيهه موڪلڻ جون تياريون ٿي رهيون آهن،انهي لاءِ قانوني ادارا ۽ لاڳاپيل انتظاميا قدم کڻي،  اسانجو ڪيس سپريم ڪورٽ ۾ داخل ٿي ويو آهي. هاڻي سپريم ڪورٽ  فيصلو ڪندي ته دعا پرڏيھه  وڃي سگهي ٿي يا نه؟  اسان قانوني طريقي سان ڪيس وڙهي رهيا آهيون. دعا جي عمر بابت نادرا  ۽ ايم ايل او جي ميڊيڪل رپورٽ ۾ وڏو فرق آهي. جيڪڏهن ايم ايل او جي رپورٽ درست آهي ته نادرا خلاف ڪاروائي ٿيڻ گهرجي،