ڪراچي (رپورٽ: اياز بروهي ) جوڊيشل مئجسٽريٽ اوڀر جي عدالت ڪراچي مان نڪري پنجاب ۾ پسند جو پرڻو ڪندڙ شاگردياڻي دعا زهره جي مبينه اغوا بابت داخل ڪيل ڪيس  جي ٻڌڻي دوران ڌرين جي وڪيلن جا دليل ٻڌڻ بعد جاچ آفيسر پاران  طبي معائني بابت داخل ڪيل درخواست تي فيصلو اڄ تائين محفوظ ڪري ڇڏيو. ڪالهه ٻڌڻي دوران جاچ آفيسر اڳڀرائي رپورٽ پيش ڪندي موقف اختيار ڪيو ته دعا کي بازياب ڪرايو ويو آهي، سان سندس ميڊيڪل ڪرائڻ چاهيون ٿا. هن وڌيڪ چيو ته 25 جولاءِ تي جوابدار ظهير ۽ سندس ڀاءُ شبير  ايڊيشنل ڊسٽرڪٽ اينڊ سيشن جج جي عدالت مان عبوري ضمانت حاصل ڪئي آهي. جاچ دوران جوابدار شبير 16 اپريل تي پنهنجي ڀاءُ ظهير سان گڏجي دعا کي وٺڻ لاءِ ڪراچي اچڻ جو اعتراف ڪيو آهي، جڏهن ته جوابدار ظهير پنهنجي بيان ۾ 16 اپريل تي ڪراچي ۾ هئڻ جي ترديد ڪري ڇڏي آهي. جوابدار ظهير جي استعمال هيٺ فون سندس والده جي نالي تي رجسٽرڊ آهي، جنهن جي سي ڊي آر چڪاسڻ سان ظهير جي لوڪيشن  به ڪراچي ۾ ڏٺي وئي آهي. عدالت ڌرين جي وڪيلن جا دليل ٻڌڻ بعد جاچ آفيسر پاران دعا جو طبي معائنو ڪرائڻ بابت داخل ڪيل درخواست تي فيصلو اڄ تائين محفوظ ڪري ڇڏيو، ٻئي طرف سنڌ هاءِ ڪورٽ ظهير احمد پاران مٿس داخل دعا اغوا ڪيس کي ڪالعدم قرار ڏيڻ بابت داخل ڪيل درخواست تي آءِ جي سنڌ، سنڌ جي پراسيڪيوٽر جنرل ۽ ٻين کي نوٽيس جاري ڪري جواب داخل ڪرڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو، ظهير درخواست ۾ موقف اختيار ڪيو آهي ته دعا عدالت آڏو بيان ڏنو آهي ته کيس ڪنهن به اغوا ناهي ڪيو، سندس بيان کانپوءِ اغوا جو ڪيس نٿو ٺهي. عدالت کي استدعا آهي ته اغوا جو ڪيس خارج ڪرڻ جو حڪم ڏنو وڃي. ياد رهي ته دعا زهره جي والد مهدي ڪاظمي ظهير احمد خلاف الفلاح ٿاڻي تي اغوا جو ڪيس داخل ڪرايو هو.