دعائون هڪ هفتي ۾ قبول ٿي وينديون آهن: مٿيرا

0
253
دعائون هڪ هفتي ۾

ڪراچي( شوبز نيوز) پاڪستاني اداڪارا مٿيرا جو چوڻ آهي ته هڪ هفتي ۾ منهنجي دعا قبول ٿي ويندي آهي

مٿييرا جو هڪ انٽرويو ڪلپ سوشل ميڊيا تي وائرل ٿي رهيو آهي جنهن ۾ هوءَ پنهنجي قبول ڪيل دعائن بابت ڳالهائي رهي آهي

انٽرويو ۾ مٿيرا جو چوڻ آهي ته انسان الله سان ڳالهائڻ سان روشني محسوس ڪندو آهي ۽ مان جيڪا دعا گهرندي آهيان الله تعاليٰ هڪ هفتي اندر قبول ڪندو آهي

انٽرويو دوران مٿيرا جو چوڻ هو ته جيڪڏهن انسان جو رشتو خدا سان اعتماد جو آهي ته پوءِ الله توهان جون ڪيتريون ئي شيون معاف ڪري توهان کي عطا ڪري ٿو

اداڪارا مٿيرا جو اهو به چوڻ هو ته 30 سالن جي ڄمار کانپوءِ جڏهن مون پاڻ کي تبديل ڪرڻ جو ارادو ڪيو ته مون تهجد پڙهڻ شروع ڪئي، مان نماز حاجت باقاعدگي سان پڙهندي آهيان

اداڪارا جو چوڻ هو ته هاڻي منهنجو مقصد آهي ته هڪ ڏينهن ۾ گهٽ ۾ گهٽ 2 کان 3 فرض نمازون به پڙهان ڇو ته ننڊ ۽ ڪم جي ڪري 5 وقت جون نمازون ادا نه ٿي ڪري سگهان