ڪنڊيارو (ن پ ا) درگاھ الھه آباد شريف جي گادي نشين محبوب سڄڻ سائين مريدن کي روزانو جي بنياد تي اڌ ڪلاڪ واڪ ڪرڻ جي ھدايت ڪري ڇڏي آهي، جنهن بعد سوين مريد ڪالهه درگاهه الھه آباد شريف کان پنڌ نڪري ذڪر ڪندي شھر جي اسپتال روڊ کان ٿيندا اسٽار چوڪ تي پهتا، رستي ۾ سوين پٽڪا پهريل مولوين کي ڏسي دڪاندار توڙي شھري حيرن ٿي ويا، واڪ ڪندڙن ٻڌايو ته مرشد جي پنڌ ڪرڻ واري هدايت تي واڪ ڪري رهيا آهيون، ان موقعي تي مولانا غلام مجتبيٰ راهوجو چيو ته واڪ انسان جي صحت لاءِ تمام ضروري آھي، جنهن سان ڪيترين ئي بيمارين جو خاتمو اچي ٿو.