دريا خان مري  ( ن پ ا) دريا خان مري ۾ درگاھ سيد يعقوب علي شاھ جي گادي نشين، ضلعي ڪائونسلر سيد نور محمد شاھ لڪياري جي نياڻي 4 ورهين جي زينب بيبي جو لاش سيد سليمان جي درگاھ  وٽان ھٿ آيو آهي. جنهن بابت ٻڌايو پيو وڃي ته سندس ڳلو ڪپيل لاش پاچڪي مان هٿ آيو، پر معصوم نينگري کي قتل ڪرڻ جو ڪارڻ معلوم نه ٿي سگھيو آهي ته کيس ڪنھن ماريو ۽ ڇو ماريو آهي. معاملو ڳجھارت بڻيل آهي. ان کان اڳ  4 ساله معصوم نياڻي بيبي زينب شاھ ڳوٺ بودلو ڏاھري ۾ گھر ٻاھران راند ڪندي اوچتو گم ٿي وئي هئي. معصوم نينگري جي ڪافي ڳولا ڪرڻ باجود سندس ڪو به ڏس پتو نه پئجي سگھيو هو. سندس والد سيد نور محمد شاھ لڪياري نينگري جي اغوا جو شڪ ظاھر ڪندي چيو هو ته منھنجي ڪنھن سان ڪا به دشمني ناھي منھنجي معصوم نياڻي ڪنھن کي ھٿ آئي آھي يا کيس اغو ڪيو ويو آھي ته اھو واپس پھچائي کيس ڪجھ به نه چيو ويندو. ٻئي پاسي درگاھ يعقوب شاھ جي عقيقدت مندن ۽ مريدن پاران غلام سرور ڪلھوڙو قاري سعيد احمد چانڊيو روشن علي چانڊيو بلاول ڏاھري سيٺ عظيم جويو دين محمد چانڊيو ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ مورو ٻانڌي روڊ تي احتجاجي مظاھرو ڪري روڊ کي بند ڪيو ويو هو. پوليس لاش تحويل ۾ وٺي ڇڏيو آھي. ٻڌايو پيو وڃي ته معصوم نياڻي جو ڳلو ڪٽي لاش کي پاچڪي ۾ وجھي درگاھ ويجھو اڇلائي ڇڏيو، پوليس ھڪ ڄڻي کي شڪ جي بنياد ھيٺ گرفتار ڪيو آهي.