دريا خان مري (ن پ ا) دريا خان مري ڀرسان ڳوٺ ڪھڪاٽ ۾ لاشاري برادري جي ٻن ڌرين ۾   صلح ڪرائڻ دوران جھيڙو ٿي پيو، جھيڙي دوران فائرنگ سبب ڳوٺ ٽنڊو لاشاري واسي لکمير لاشاري سخت زخمي ٿي پيو، زخمي کي اسپتال منتقل ڪيو ويو، ٻي طرف زخمي لکمير لاشاري ٻڌايو ته صاحب خان لاشاري ۽ اڪرم لاشاري  واري ڌر ۾ نيڪ مردن سان گڏ صلح ڪرائڻ آياسين ته فائرنگ ڪئي وئي، جنهن دوران گوليون لڳڻ سبب زخمي ٿيو آهيان، ٻي طرف  اڪرم لاشاري جي فرياد تي 15 جوابدارن 3 عورتن 8 سڃاتل ۽ 4 اڻسڃاتل ماڻھن خلاف ايف آءِ آر داخل ڪئي وئي آھي، پوليس ڪيس ۾ گھربل عبدالحق لاشاري، ڌڻي بخش لاشاري ۽ مسمات رابعه لاشاري کي گرفتار ڪري ورتو آھي.