دريائي چاڙهه،ٻوڏ ۾ تبديل ٿيڻ کان بچاءَ جي تياري آهي؟

0
137
سنڌ حادثاتي موتن جو ميدان

سڄي سنڌ ۾ برسات جون تباهڪاريون جاري آهي،سانوڻي جون لڳاتار برساتون موسميات کاتي جي اڳڪٿي درست ثابت ڪندي معمول کان وڌيڪ پيون آهن، جنهن ڪري هر شهر تقريبن انهي برسات سبب متاثر ٿيوآهي جڏهن ته ڪيترائي شهر برساتن سبب  ٻوڏ جهڙي صورتحال کي منهن ڏئي رهيا آهن. هڪڙي ڏينهن برسات وسي بس ٿي ڪري ته ٻن ڏينهن کانپوءِ وري نئون سلسلو شروع ٿي ٿو وڃي.جنهن ڪري هر شهر ۾ تقريبن روڊن رستن تي پاڻي بيٺل نظر اچي ٿو ۽ معمول جي زندگي متاثر ٿي رهي آهي.

 ڪجهه وقت اڳ تائين سنڌ سوڪهڙي ۾ سڪي رهي هئي ۽ هاڻي وري گهڻين برساتن سبب ٻڏڻ جو خطرو پيدا ٿيو آهي،جڏهن ته ڪيترن علائقن ۾ ته هن وقت به ٻوڏ جهڙي صورتحال آهي شهرن ۾ ته برسات وسڻ دوران پاڻي روڊن تي بيهي رهندو آهي ۽ وري ٿوري وقفي کانپوءِ زندگي جو ڪاروهنوار پيو هلندو آهي پر ٻهراڙين ۽ خاص ڪري جابلو علائقن ۾جتي نئيون وهي ٿيون اچن اتي رستا بند ٿيڻ ڪري مهينن جا مهينا زندگي جو ڪاروهنوار بيهي بند ٿي ٿو وڃي ۽ کاڌ خوراڪ جي شين جو به بحران ٿو پيدا ٿئي ۽ ماڻهو بکن تي ويهي ويلا ڪاٽين ٿا. بلوچستان، سنڌ ۽ سرائيڪي پٽي ۾ برسات جون تباهه ڪاريون ايترون ٿيون آهن جو ڳوٺن جا ڳوٺ ٻڌي ويا آهن.ڪاڇي ۾ لڳاتار برسات ۽ نئيون وهي اچڻ ڪري منڇر تار ٿي وئي آهي،ايف پي بند جي الاهي هنڌن تي حالت خراب آهي ۽ مٿان مسلسل برساتون به پئجي رهيون آهن جنهن ڪري جيڪڏهن ايف پي بند کي نقصان پهتو ته جوهي تعلقي جي شهر سميت ڪيترائي ڳوٺ ٻوڏ هيٺ اچي ويندا .مٿان وري درياءَ جي صوررتحال به ڪا نارمل نه آهي اتي به ڏينهون ڏينهن پاڻي ۾ واڌ ٿي رهي آهي جنهن جو سبب ڪوهه سليمان ۾ بلوچستان ۽ سرائيڪي بيلٽ ۾ پوندڙ برساتن سبب ايندڙ وهڪرا آهن جيڪي سڌو درياءَ ۾ اچي رهيا آهن ۽ مٿي به ڊيم  ڀرجڻ سبب پاڻي انهن مان درياءَ ۾ ڇڏيو پيو وڃي. سنڌ ۾ بئراجن ڪئنالن ۽ شاخن ۾ به پنهنجي گنجائش موجب پاڻي وهي رهيو آهي جڏهن ته هن وقت کان ئي ڪيترين ئي شاخن ۽ واهن کي گهارن جون خبرون اچي رهيون آهن جنهن ڪري برسات متاثر انهن علائقن ۾ وڌيڪ نقصان ٿي رهيو آهي ماڻهن جا گهر ڊهي رهيا آهن ته چوپائي مال  به مري رهيو آهي ته انهن جون زرعي زمينون تباهه ٿي رهيون آهن ۽ بيٺل فصل ٻڏي رهيا آهن.زرعي زمينن ۾ لڳاتار پاڻي بيهڻ سبب اتي ايندڙ فصل پوکڻ تقريبن ناممڪن ٿي چڪو آهي جنهن ڪري آبادگار جيڪي اڳ پاڻي کوٽ سبب فصل سڙڻ جي ڪري نقصان کي منهن ڏئي رهيا هئا اهي هينئر وڌيڪ پاڻي ۽ شاخن کي گهارن سبب پنهنجا فصل ٻڏندي ڏسي رهيا آهن ۽ سندن هٿ مٿي تي اچي ويا آهن.هن برسات جي نقصان کي ڏسي سنڌ حڪومت ته نو ضلعن کي آفت سٽيل به قرار ڏنو آهي ۽ دير سوير انهي نقصان جي ازالي جي اميد پيدا ٿي آهي پر اصل خطرو جيڪو آهي اهو درياءَ يا ڪئنالز جي بندن جو آهي ته جيڪڏهن وڌيڪ برساتن ۽ وڌيڪ پاڻي اچڻ ڪري اتي ڪو نقصان ٿئي ٿو ته ڇا ان نقصان جو ازالو ڪرڻ ممڪن هوندو؟ ڇاڪاڻ ته 2010ع ۾ سنڌ دريائي ٻوڏ کي منهن ڏئي چڪي آهي جنهن جو ازالو هيترا سال گذرڻ کانپوءِ به ممڪن نه ٿي سگهيو آهي.

اسان سمجهون ٿا ته هن صورتحال کي ڏسي اهو چئي سگهجي ٿو ته دريائي ٻوڏ جو خطرو هر وقت موجود آهي جنهن کان بچڻ لاءِ حڪومت ۽ خاص ڪري آبپاشي کاتي کي هن وقت کان ئي اکيون پٽڻ گهرجن.ڇاڪاڻ ته اسان وٽ اها روايت رهي آهي ته جڏهن مصيبت اچي مٿان پوندي آهي پوءِ اسان اکيون کوليندا آهيون.شاخن ۽ واهن کي لڳندڙ گهارا ،جبلن پهاڙن تان ايندڙ نئيون ۽ لڳاتار برساتون ڏس ڏين ٿيون ته موج ۾ آيل درياءَ هن ڀيري پنهنجي پوري مستي سان ايندو ۽ ان کي ان مستي سان سمنڊ ۾ ڇوڙ ڪرائڻ جي تياري هن وقت کان ئي ڪرڻ گهرجي ۽ درياءَ ۽ ڪئنالن جي بندن تي هن وقت کان ئي نظر رکڻ گهرجي.