نوشهروفيروز (رپورٽر) ڀان سعيدآباد ڀرسان ڳوٺ گنگو هٽي جي رهواسي مظهر چانڊيو پريس ڪلب نوشهروفيروز اڳيان احتجاجي مظاهرو ڪرڻ کان پوءِ داهيندي چيو آهي ته سندس ڀاءُ غلام مصطفيٰ چانڊيو جنهن جي عمر 20 سالن جي لڳ ڀڳ ٿيندي جيڪو گذريل هڪ مهيني کان پنهنجي ڳوٺ کان ڀان سعيدآباد شهر ڏانهن ويندي غائب ٿي ويو آهي جنهن جي تمام گهڻي ڳولا ڪئي آهي. جنهن جو ڪٿي ڏس پتو نٿو پوي ۽ نه وري پوليس سندس ڳولا ۾ مدد ڪرڻ لاءِ تيار آهي. ان ڪري مجبور ٿي احتجاج ڪري رهيو آهي. هن چيو ته سندس ڀاءُ جو ذهني توازن ٺيڪ ناهي ان ڪري هن جي لاءِ سمورا گهر جا ڀاتي پريشان آهيون.