درد جو صحرا ٿر ۽ معصوم مکڙين جو موت

0
119
ڪارونجھر-جا-ڪولھي-راسوڙا-۽-روپلو-ڪولھي

انگريز شاعر بُرائوننگ (Browning) چيو هو ته، “زندگيءَ جي ڪانه ڪا معنيٰ ضرور آهي ۽ ان معنيٰ جي پروڙ اسان جي زندگيءَ جي اهم ترين تقاضا آهي.”

  زندگي، جيڪا هڪ معصوم ٻار جي اک جي جهپڪيءَ سان شروعات ڪندي آهي، ۽ معنيٰ ۽ مفهوم لاءِ عمر جا پيرا ڳوليندي آهي ۽ ھي قدرت جا رنگ ڏسو. هن حسين صحرائي خطي ٿر ۾ انهي ٻار جي مرڪ جهڙي زندگيءَ کي هميشه بيمارين ۽ ڏکن ڏولاون جا راڪاس مارين ٿا شايد ان لاءِ ئي ته اياز لکيو هو:

خدا ڄاڻي ڇو نه ڪنهن حسين چمن ۾ ڄاواسين،

ٽڙياسين دامنِ صحرا ۾، خوشبو ئي اجائي وئي.

 ٿر ۾ مسلسل معاشي حالتن جي تنگدستي غربت ۽ ابهم ٻارن جي موت جهڙي درد جو داستان ڪنهن کان به ڳجهو ڪونهي. سمورو ٿر سراپا صدائون آهي. گذريل ڪجهه سالن کان ٿر جي صورتحال هڪ اهڙو منظر نامو پيش ڪري ٿي، جتي اسان کي هر طرف حالتن جي سنگيني نظر اچي ٿي. سنڌ جو هي وارياسو خطو ٿر، مختلف وقتن تي ڏڪاري حالتن ۽ قدرتي آفتن جي زد ۾ رھيو آهي  ٿر جي ڏورانهين ڳوٺن ۾ بک ۽ بدحاليءَ جا منظر ميڊيا تي به ايندا رھيا آهن. کاڌ خوراڪ جي کوٽ بک ۽ بيماريءَ سبب ٿر ۾ لڳ ڀڳ سوين ٻارڙا موت جي ننڊ سمهي چڪا آھن پر انهي معصوم ٻارڙن جي دردن جو ڪو درمان به نه ٿو ٿئي؟ گذريل ڏينهن ٿر جي وڏي ۾ وڏي سرڪاري اسپتال ۾ وڃڻ جو اتفاق ٿيو. سرڪاري اسپتال ۾ ماڻهن جا انبوهه نظر آيا. سرڪاري اسپتال ۾ ماڻهن جي انهي رش ۾ معصوم ٻارن جون آهون ۽ دانهون ٻڌڻ ۾ پئي آيون. معصوم ٻارن جي نڙي ۾ اٽڪيل سڏڪن ۽ دانهن ۾ ايئن پئي محسوس ٿيو ته ڄڻ درد هتي واسو ڪري ڇڏيو هجي. معصوم ٻارن جي والدين جي چهرن تي پريشاني جون ريکائون صاف نظر اچي رهيون هيون. اهي پريشاني جون ريکائون ڄڻ ڪي پڪارون بڻجي سامهون اينديون هجن،  ڪيترائي ماڻهو اهڙا به هئا جيڪي ٿر جي ڏورانهين ڳوٺن کان ڪهي آيل هئا.

جيڪي پنهنجي ٻارن جي علاج لاءِ ڊڪ ڊوڙ ڪندي نظر آيا. انهي ويل ٻن ڏينهن ۾ ٿر جي 8 معصوم ٻارن جي موت جي خبر جڏهن منهنجي ڪنن تائين پهتي ته منهنجي اکين جا بند ڀڄي پيا. سوين سوال منهنجي ذهن ۾ گردش ڪرڻ لڳا. پر انهن سوالن جو جواب ڪنهن کان وٺجي؟ ايتري ۾ خبر پئي ته ڊاڪٽرن تي مشتمل ٽيم سرڪاري اسپتال ۾ پهتي آهي. ماهر ڊاڪٽرن جي انهي ٽيم ۾ مون کي ٿر ڄاوا ڊاڪٽر به نظر آيا. جيڪي پنهنجي علائقي جي ڊاڪٽرن کان ٻارن جي بيمارين ۽ انهن جي موت جي ڪارڻ متعلق تفصيل وٺي رهيا هئا. مون همٿ ڪري هڪ ڊاڪٽر کان ڪجھه سوال پڇڻ جي ڪوشش ڪئي. انهي ويل ڊاڪٽر تڪڙ ۾ صرف ايترو چيو ته اسان جي ڊاڪٽرن جي ٽيم ٿر ۾ ٽن ڏينهن لاءِ مفت طبي ڪيمپون لڳائينديون ۽ اسان جي ٽيم جا ڊاڪٽر ٿر جي ڏورانهين ڳوٺن وڃي تحقيق ڪندا ته ٻارن جي موت جا اصل ڪارڻ ڪهڙا آهن ۽ انهي تي ضابطو ڪيئن ممڪن آهي. انھي ٽيم ۾ شامل ڪجهه مقامي ڊاڪٽرن ٿر جي موجوده صورتحال جي حوالي سان ايئن به چوندي نظر آيا ته “هتي ٿر جي سرڪاري اسپتالن ۾ سهولتن جي اڻهوند ۽ ويم گھر جي سهولت نه هئڻ ڪري ٿر جون اڪثر عورتون روايتي دائين کان ويم ڪرائينديون آهن. جنهن سبب ٿر ۾ ٻارن جي ٻڏڻ جا ڪيس پڻ عام جام ٿين ٿا.”

ٿر جي ٻهراڙي ۾ اڪثر ڳورهاريون عورتون تعليم جي گھٽتائي سبب پنهنجي صحت جو خيال به نه ٿيون رکن ۽ مناسب وقت تي کاڌو به نه ٿيون کائين. انهي ڪري ٿر ۾ ماءُ جي ڪمزوري (عورتن جي ڪمزوري) سبب ٿر ۾ وقت کان اڳ ٻارن جو ڄمڻ جا ڪيس عام جام ٿين ٿا. هن سال ٿر ۾ جيڪي معصوم ٻار فوت ٿيا آهن. انهن ٻارن ۾ گهڻو تعداد غذائيت جي کوٽ، بنيادي ڪمزوري، نمونيا، ڊائريا ۽ ٻيون بيماريون آهن. ٽيم ۾ شامل هڪ ڊاڪٽر ايئن به چيو پئي ته “ٿر ۾ ٻارڙن جي موت جي شرح سنڌ جي ٻين ضلعن جي ڀيٽ ۾ وڌيڪ آهي”. انهي ڪري هتي ٻارن جي بهتر علاج الڳ “ٻارن جي سرڪاري اسپتال” قائم ڪرڻ جي ضرورت آهي. بعد ۾ ڊاڪٽرن جون ٽيمون طبي ڪيمپون لڳائڻ لاءِ ٿر جي ڳوٺن ڏانهن روانيون ٿي ويون هيون، بنيادي سوال هي آهي ته هن موجوده صورتحال ٿر ۾ جتي هر روز پنج کان اٺ ٻارڙا معصوم ٻارڙا مري رهيا آهن ته وقت جي سرڪار ٿر جي معصوم ٻارن جي علاج لاءِ هن وقت تائين ڪهڙا اپاءُ وٺي سگھي آهي؟ ميڊيا جي خبرن موجب ھن سال رڳو ساڍا ڇھه مھينن ۾ 350 مٿي ٻار ٿر جي مختلف سرڪاري اسپتالن ۾ فوت ٿي چڪا آهن ٿر ۾ لڳ ڀڳ سوين سماجي تنظيمون رجسٽرڊ آهن، جيڪي پنهنجن ڪاعذن ۾ ڪوشان آهن، پر ظاهري دنيا ۾ سندن ڪو ڪارج ٿر ۽ ٿر جي ماڻهن جي زندگيءَ ۾ ڪا چڱي تبديلي آڻي نه سگهيو آهي. اهي تنظيمون بس ٿر جي ڏٻرن ماڻهن، انگ اگھاڙن ٻارن ۽ عورتن جا فوٽو ڪڍي، ٿر کي ڊونر ادارن وٽ ڪيش ڪرائينديون رهيون آهن. پر انهن کي هن وقت ٿر جي مرندڙ معصوم ٻارن جو درد محسوس نه ٿيو ۽ انهن ڪٿي ڪا ميڊيڪل توڙي امدادي ڪئمپ پڻ نه لڳائي آهي.

هتي سياست هجي يا سماجي ڀلائيءَ جا شعبا هجن، بهرحال ٿر جي ماڻهن کي رڳو عارضي آڪسيجن ڏيئي مطلب ماڻڻ واري روش روان رهي آهي.مجموعي طور تي ٿر جي حالتن کي سمجهڻ جي ضرورت  آهي ۽ٿر جي معصوم ٻارن جي درد کي سمجهڻ جي ضرورت آهي. عملي تي طور ۾ ڪجهه ڪرڻ لاءِ پاليسيون مرتب ڪرڻ جي ضرورت آهي