دراني مهر ڪچي ۾ آپريشن بند: شهيد ايس ايڇ جي جنازي نماز: 12 ڌاڙيلن جا لاش ڪٿي آهن؟

0
427
دراني مهر ڪچي ۾ آپريشن بند
دراني مهر ڪچي ۾ آپريشن بند: شهيد ايس ايڇ جي جنازي نماز: 12 ڌاڙيلن جا لاش ڪٿي آهن؟

تفصيل: اڄ صبح جو ڪشمور-ڪنڌڪوٽ جي ڪچي جي علائقي دراني مهر ۾ آپريشن شروع ٿيو، ڌاڙيلن جي فائرنگ ۾ ايس ايڇ او جي شهيد ٿيڻ بعد ايس ايس پي ڪشمور عرفان سمون آپريشن واري هنڌ پهتو ۽ 12 ڌاڙيل مارڻ جي دعويٰ ڪئي

تازه ترين: دراني مهر جي ڪچي واري علائقي ۾ هلندڙ پوليس آپريشن عارضي طور تي بند ڪيو ويو آهي

ايس ايس پي عرفان سمون 12 ڌاڙيل مارڻ جي دعويٰ ڪئي آهي پر پوليس رات ٿيڻ تائين  ڪنهن به ڏوهاري جو لاش هٿ نه ڪري سگهي آهي

ايس ايس پي عرفان سمون جي  سربراهي ۾ پوليس 3 ڏوهاري گينگز خلاف آپريشن شروع ڪيو هو، آپريشن دوران ايس ايڇ او عبدالطيف  ميراڻي شهيد، ڊي ايس پي سميت 2 اهلڪار زخمي ٿي پيا هئا

پوليس جي آپريشن دوران  گوليون لڳڻ ڪري 2 واٽهڙو پڻ زخمي ٿيا، جن کي اسپتال منتقل ڪيو ويو

هن کي به پڙهندا

دراني مهر ڪچي ۾ آپريشن: ايس ايڇ او شهيد: 12 ڌاڙيل مارڻ جي دعويٰ

بلاول ڀٽو زرداري ۽ آصفه ڀٽو زرداري جي شھيد پوليس اهلڪار جي گهر آمد، وارثن سان تعزيت