دبئي ۾ ڄڻ سنڌ جڙي وئي

0
241
دبئي ۾ ڄڻ سنڌ جڙي وئي

دبئي ۾ به ان وقت ڄڻ سنڌ جڙي وئي جڏهن ثقافتي ويس پهريل سنڌ واسي ماڻهو هڪ هنڌ گڏ ٿيا، سنڌ فرينڊس فورم پاران دبئي ۾ ثقافت جو پروگرام منعقد ڪيو ويو جنهن ۾ ايڪتا جو مظاهرو ڪندو  1700 سنڌين شرڪت ڪندي جنهن ۾ فيمليز جي وڏي تعداد شريڪ هئي ۽ خوب لطف اندوز ٿيا. شيخ راشد آڊيٽوريم هال سنڌي ماڻهن سان ڀرجي ويو، جتي سنڌ واسين ٻڌي، ڪاميابي ۽ پنهنجي ثقافت سان محبت جو اظهار ڪيو. تقريب جي ميزباني سجاد سهاڳ ڪئي ۽ آجياڻو فورم جي ڪنوينر بشير آريسر پاران ڏنو ويو،

تقريب ۾ خصوصي مهمان طور گڏيل عرب امارات جي مشهور ڪاروباري شخصيت سهيل محمد زروني،ڊاڪٽر رام بخشاڻي، دادا واسو شيروف، سنڌ مان آيل ڊاڪٽر برڪت نوناري، نثار کوکر ۽ آشا چاند ۽ ٻين شرڪت ڪئي.  فنڪارن اسلم فقير، سڪندر فقير، ساجد فقير، مسرور فقير، ضامن علي، ريشمان پروين،۽ نجف علي، آصف پھوڙ عرف گامون، حيدر قادري ۽ اصغر کوسو فن جو مظاهرو ڪيو، آرگنائيزر پدم وير، فھد ابڙو ،جاويد ڪوريجو، وقار شاھ، سھيل ابڙو. مالڪ سومرو، چتر وير ۽ ٻيا هئا