دبئي (م ڊ) دبئي ۾ ملڪيتون خريدڻ ۾ پاڪستان 8 هين نمبر تي اچي ويو، پراپرٽي ڪنسلٽينسي بيٽر هومز مطابق  دبئي ۾ هلندڙ سال جي شروعاتي 6 مهينن ۾ ملڪيتن جي قيمتن ۾ 85 سيڪڙو اضافو ٿيو، روس، يوڪرين جنگ سبب روسي شهرين وڏي تعداد ۾ دبئي ۾ سيڙپڪاري ڪئي، ملڪيتون خريدڻ ۾ ڀارتي، برطانوي، اطالوي ۽ فرانسي شهري به شامل آهن.