دبئي (دلچسپ نيوز) دبئي جي بادشاهه شيخ همدان بن محمد باضابطه اعلان ڪيو آهي ته 2023 کان دبئي ۾ روبوٽ ٽيڪسيون هلايون وينديون.هي خودڪار ٽيڪسيون ڪروز نالي ڪمپني تيار ڪندي جنهن جي پويان هونڊا ۽ جنرل موٽر جهڙا ادارا شامل آهن. اميد آهي ته ٻن سالن جي دوران دبئي جي روڊن تي خودڪار ٽيڪسيون ڊوڙنديون. ان جي لاءِ حتمي تاريخ جو اعلان نه ڪيو ويو آهي پر واضح طور تي 2023 ۾ ان جي شروعات ٿيندي.ڪروز ڪمپني پهريون ڀيرو 2019 ۾ روبوٽ ٽيڪسيون پيش ڪيون هيون پر اهي باضابطا نه هلي سگهيون.اها ٽيڪسي سروس هوندي جنهن ۾ سواريون ڪنهن شٽل گاڏي جيان ويهي سگهنديون. هر ڪار ۾ اسٽيئرنگ نه هوندو ۽ نه ئي ڪو پيڊل ملندو پر ڪروز ڪمپني چيو آهي ته 2030 تائين اهڙيون 4000 ٽيڪسيون پوري دبئي ۾ ڊوڙي رهيون هونديون.2022 ۾ جي ايم ڪمپني جي ڊينرائٽ ڪارخاني ۾ دبئي جي لاءِ گاڏين جي تياري شروع ٿيندي. ڪورونا 19 جي حوالي سان روبوٽ ٽيڪسي ۾ حفاظتي قدم متعارف ڪرايا ويا آهن ۽ هر چڪر کان پوءِ گاڏي کي سينيٽائز ڪيو ويندو.