جنيوا (م ڊ) گڏيل قومن هڪ ڀيرو وري عرب امارات جي حڪومت کان دبئي جي حڪمران شيخ محمد مڪتوم جي ڌيءُ شهزادي لطيفا جي حيات هجڻ جا پڪا ثبوت طلب ڪندي سندس فوري آزادي جو مطالبو به ڪيو آهي. گڏيل قومن جو چوڻ آهي ته شاهي خاندان جو بيان آيل آهي پر اسان کي وڌيڪ معلومات کپي.