دبئي انٽرنيشنل ايئرپورٽ تي 2 مسافر جھاز پاڻ ۾ ٽڪرائجي ويا

0
642

دبئي (ڊيسڪ رپورٽ) دبئي انٽرنيشنل ايئرپورٽ تي 2 مسافر جھاز پاڻ ۾ ٽڪرائجي ويا، عرب خابرو اداري موجب دبئي انٽرنيشنل ايئرپورٽ تي ھي حادثو خميس ڏينھن صبح جي وقت پيش آيو، جتي فلائي دبئي ۽ گلف ايئر لائن جا 2 مسافر جھاز ٽيڪسي روڊ تي پاڻ ۾ ٽڪرائجي وئا، جڏھن تھ واقعي ۾ ڪو بھ جاني نقصان نھ ٿيو، فلائي دبئي جو چوڻ آھي تھ جھاز بوئنگ 737 کي ڪرغزستان جي لاءِ اڏام ڀرڻي ھئي، حاثي ۾ جھاز معمولي متاثر ٿيو، ايئر لائن جو چوڻ ھو تھ حادثي ۾ جھاز جي پرن کي نقصان پھتو آھي، وڌيڪ جاچ جاري آھي.