دانش ڪنيريا پاران ڪرڪيٽ ۾ واپسي جون ڪوششون شروع

0
285

ڪراچي (اسپورٽس نيوز) اڳوڻي ٽيسٽ ڪرڪيٽر دانش ڪنيريا پاران ڪرڪيٽ جي ميدان ۾ واپسي لاءِ عدالت سان رجوع ڪيو ويو آهي. دنيش ڪنريريا پي سي بي جي بحالي پروگرام ۾ شامل ٿيڻ جي درخواست پڻ ڏني. درخواست جي ٻڌڻي جسٽس محمد علي مظهر جي سربراهي ۾ ٻن ججن تي مشتمل بينچ ڪئي. پي سي بي جي وڪيل چيو ته دانش ڪنيريا تي انگلش ڪائونٽي ڪلب پابندي لڳائي آهي، مٿس تاحيات ڪرڪيٽ کيڏڻ تي پابندي آهي، برطانيه جي عدالت سندس اپيل پڻ رد ڪري ڇڏي هئي. هن چيو ته مٿس اسپاٽ فڪسنگ جو الزام آهي. دانش ڪنيريا جي وڪيل اسد افتخار چيو ته اسپاٽ فڪسنگ نه پر ميٽنگ ڪرائڻ جو الزام آهي جيڪو هو قبولي پڻ چڪو آهي، فڪسنگ ڪرڻ وارن کي اجازت ملي وئي آهي پر دانش ڪنيريا کي نٿي ملي. عدالت وڌيڪ ٻڌڻي 30 آگسٽ تائين ملتوي ڪري ڇڏي.