اسلام آباد(م ڊ) سي ٽي ڊي پنجاب وڏي ڪارروائي ڪندي پابندي مڙهيل داعش خراسان جي مقامي امير کي اسلام آباد مان گرفتار ڪري ورتو. سي ٽي ڊي ترجمان موجب ڪارروائي ۾ ويڙهاڪ خالد محمد نبي سميت ٻه دهشتگرد گرفتار ڪيا ويا آهن. سي ٽي ڊي موجب ويڙهاڪ خالد محمد نبي جعلي پاڪستاني سڃاڻپ ڪارڊ ٺهرايو هو، گرفتار دهشتگرد مٿان وڏي مقدار ۾ بارودي مواد ۽ هٿيار هٿ ڪيا ويا آهن.