داد لغاري (ن پ ا) داد لغاري لڳ يوسي ڍانگرو جي پولنگ اسٽيشن ابل ڳڙھي ۾ پ پ ۽ جي ڊي اي جي ڪارڪنن ۾ جھيڙي دوران مڇريل ماڻهن پٿراءُ ڪري چيئرمين  لاءِ جي ڊي اي جي اميدوار لشڪر بوزدار جي گاڏيءَ جا شيشا ٽوڙي ڇڏيا. ڪارڪنن جي هڪ ٻئي مٿان پٿراءُ ۾ ٻنهي ڌرين جا 4 ڄڻا عطا حسين، ٺارو بوزدار، جھانگير ۽ بلاول بوزدار زخمي ٿي پيا. جڏهن ته ڪارڪنن رينجرز ۽ پوليس جي اضافي نفري پھچي صورتحال کي ڪنٽرول ۾ آندو. جهيڙي ۽ ڇڪتاڻ سبب ووٽنگ جو عمل ٻن ڪلاڪن تائين رڪيل رهيو.