مورو (ن پ ا) ڊپٽي ڪمشنر نوشھروفيروز محمد تاشفين عالم دادو_ مورو پل ۽ نوشھروفيروز جي حدن مان گذرندڙ سنڌو درياءَ جي حفاظتي بندن جو دورو ڪيو، ان موقعي تي هن آفيسرن کي هدايت ڪئي ته  بندن جي نگراني لاءِ عملو مقرر  ڪيو وڃي، ڪنھن بہ اڻ وڻندڙ ٻوڏ جي صورتحال کي منھن ڏيڻ لاءِ گھربل مشينري، پٿر ۽ ٻيا انتظام ڪيا وڃن. ان موقعي تي ڊپٽي ڪمشنر کي  آبپاشي کاتي جي انجنيئر بريفنگ ڏيندي ٻڌايو تہ  ھن وقت سنڌو درياھ ۾ ھيٺين درجي جي ٻوڏ آھي. اڄ سکر بيراج کان ڊائون اسٽيم ۾ 2 لک 60 ھزار ڪيوسڪ پاڻي ڇڏيو پيو وڃي. ساڍا ٽي لک تائين ھيٺئين، 5 لک تائين وچولي، 7 لک تائين مٿاھين درجي جي ٻوڏ تصور ڪئي ويندي آھي. ھن پوائنٽ تان سال 2010 ۾ 11 لک ڪيوسڪ پاڻي گذري چڪو آھي ان لاءِ في الحال اھڙي پريشاني جي ڪا بہ ڳالھ ڪونھي. ٻي طرف  مورو_ دادو پل ۾ پاڻي جي چاڙھ بعد  ڪچي جي علائقي ۾ رھندڙ ماڻھن جو ساھ مٺ ۾ اچي ويو آهي، ان حوالي سان علائقي واسين دانهيندي چيو ته  مورو دادو پل سميت ڏنل بچاءُ بند برساتن سبب ھنڌان ھنڌان ڏار پوڻ ڪري ڪمزور ٿي ويا آھن، ايريگيشن آفيسر توڙي عملو وزٽ تي ايندڙ آفيسرن کي غلط بياني ڪري واپس ڪري ڇڏين ٿا،  ٻوڏ جو پاڻي وڌيڪ اچڻ تي وڏو جاني مالي نقصان ٿي سگهي ٿو.