دادو ( رپورٽر ) خوراڪ کاتي پاران دادو ضلع مان 10 لک ڪڻڪ جون ٻوريون خريد ڪرڻ جو ٽارگيٽ مقرر ڪيو ويو آهي ، پر دادو ضلع جي 4 تعلقن دادو ، جوهي ، ڪي اين شاھ ۽ ميهڙ ۾ قائم 35 ، خريداري سينٽرن تي ڪڻڪ خريداري وارو عمل شروع ناهي ڪيو جنهن سبب کليل مارڪيٽ ۾ ڪڻڪ جي في ٻوري جي اگھ ۾ 400 روپين جي لاٿ اچي وئي آهي ، خوراڪ کاتي جي ذريعن وٽان ڄاڻ ملي آهي ته دادو ضلع کي ڪڻڪ خريداري جي بجيٽ ۽ باڙدانو ناهي مليو ان ڪري ڪڻڪ جي خريداري شروع ناهي ڪئي ، خوراڪ کاتي پاران ڪڻڪ خريداري شروع نه ڪرڻ سبب دادو ، جوهي ، ڪي اين شاھ ۽ ميهڙ ۾ ڪڻڪ جو بمپر فصل لهڻ ڪري خيبر پختون خواھ ۽  پنجاب جي واپارين پاران مقامي واپارين جي ملي ڀڳت سان وڏي پيماني تي ڪڻڪ خريد ڪري خيبر پختون خواھ ۽ پنجاب منتقل ڪئي پئي وڃي ، ڪڻڪ ٻين صوبن ڏانهن منتقل ٿيڻ جي اطلاع تي فوڊ کاتي دادو پاران دادو ڄامشورو انڊس هاء وي ۽ دادو مورو روڊ تي چوڪيون قائم ڪيون آهن ، جنهن جي باوجود به ڪڻڪ جي اسمگلنگ جو سلسلو جاري آهي . ٻئي پاسي  دادو ضلع جي مختلف فوڊ گودامن تان ڪڻڪ خرد برد ڪرڻ جي الزام هيٺ خوراڪ کاتي سنڌ جي ڊائريڪٽر سيد امداد علي شاھ پاران دادو جي معطل ڪيل 9 ، فوڊ انسپيڪٽرن مان 3 فوڊ انسپيڪٽرن منور ورڪ ، رياض احمد چانڊيو ۽ عمران مگسي کي بحال ڪري ڇڏيو آهي ، فوڊ کاتي جي ذريعن موجب بحال ٿيلن ۾ هڪ اهڙو فوڊ انسپيڪٽر به شامل آهي ، جنهن 35 هزار ڪڻڪ جون ٻوريون کڻي کليل مارڪيٽ ۾ وڪرو ڪيون هيون. ٻئي پاسي دادو ضلع ۾ ڪڻڪ جو فصل لهڻ ۽ کليل مارڪيٽ ۾ ڪڻڪ جي في ٻوري تي 400 روپيا اگھ گهٽجڻ باوجود دادو ۾ پراڻي ڪڻڪ جو اٽو 140 روپيا ۽ نئين ڪڻڪ جو اٽو 125 کان 130 روپيا في ڪلو جي حساب سان وڪرو ڪيو پيو وڃي، اٽي جي قيمت ۾ واڌ سبب پورهيت ۽ مزدور طبقو سخت پريشان آهي ، خدشا ظاهر ڪيا پيا وڃن ته 3 مهينن جي اٽي جي قميت رڪارڊ اضافو ٿيندو.