دادو (رپورٽر ) دادو جي ڊي ايف سي روشن منگي 5 مهينا اڳ ڪي اين شاھ، راڌڻ، خانپور جوڻيجو ۽ ٻين گودامن تان 40 هزار ڪڻڪ جون ٻوريون کڻي اوپن مارڪيٽ ۾ وڪرو ڪري ڪروڙين رپين جي ڪرپشن جي الزام هيٺ آيل فوڊ انسپيڪٽرن اسحاق مگسي، مقصود لاکير ۽ جاويد چانڊيو کي نو ڊيوز سرٽيفڪيٽ ڏئي ڇڏيو آهي، ٽنهي فوڊ انسپيڪٽر کي سرڪاري ڪڻڪ کليل مارڪيٽ ۾ وڪرو ڪري 10، ڪروڙ روپين جي ڪرپشن ڪرڻ جي الزام ۾ خوراڪ کاتي جي سيڪريٽري معطل ڪيو هو ۽ وڏي دٻاءُ جي باوجود اڳوڻي ڊي ايف سي منصور احمد ميراڻي معطل ڪيل فوڊ انسپيڪٽرن کي نو ڊيوز سرٽيفڪيٽ ڏيڻ کان انڪار ڪيو هو، ٽنهي فوڊ انسپيڪٽرن ملي ڀڳت ڪري گودامن مان 40 هزار سرڪاري ڪڻڪ جون ٻوريون کليل مارڪيٽ ۾ 5500 رپيا في ٻوري جي حساب سان وڪرو ڪري 3700 روپين جي حساب سان ڪڻڪ جي في ٻوري جو چالان ذريعي رقم جمع ڪرائي جنهن الزام هيٺ کين معطل ڪيو ويو هو، ٽئي فوڊ انسپيڪٽرز ڊي ايف سي دادو کان نو ڊيوز سرٽيفڪيٽ وٺي پاڻ کي بحال ڪرائڻ لاء ڊڪ ڊوڙ ۾ رڌل آهن.