دادو ( رپورٽر ) دادو شهر ۾ ميونسپل انتظاميا جي نااهلي سبب کليل گٽر انسانن کانپوءِ جانورن لاءِ عذاب بڻجي ويا   آهن ، پوليس هيڊ ڪواٽر سامهون کليل وڏي گٽر ۾ گهوڙو ڪري پيو ، گٽر اونهون هئڻ ڪري ان مان گهوڙي کي ڪڍڻ لاءِ 2 ڪلاڪن تائين جاکوڙ ڪرڻ باوجود گهوڙو گٽر مان نه نڪري سگهيو بعد وڌيڪ ماڻهن کي گهرائي گهوڙي کي رسن سان ٻڌڻ کان پوءِ لڪڙن جون ٽيڪون ڏئي گهوڙي کي زخمي حالت ۾ گٽر مان ٻاهر ڪڍيو ويو آهي،  ياسين ملاح جي گهوڙي کي سندس ڀاءِ خالي چڪر ڪاٽرائي رهيو هو ته اوچتو گهوڙو کليل گٽر ۾ ڪري پيو ، پوليس هيڊ ڪواٽر روڊ جي رهواسين جو چوڻ آهي ، پوليس هيڊ روڊ سان 6 گٽرن کي ڍڪ ئي ناهن آيل جنهن ۾ ڪيترن پنڌ ۽ موٽر سائيڪل سوار ماڻهن جي ڪرڻ جا واقعا پيش آيا آهن.