دادو ( رپورٽر ) ٻوڏ جي تباھڪارين شرط دادو جي ٽرانسپورٽرن ۽  واپارين پاران ٻوڏ متاثرن کان ٻيڻ تي ڪرايا وصول ۽ عام واهپي وارين شين جي اگهن ۾ رڪارڊ اضافو ڪرڻ تي انچارج سيشن جج دادو نديم بدر قاضي جي عدالت ڊي سي دادو کي ڪارروائي جو حڪم ڏئي ڇڏيو آهي. مقامي انتظاميا کي ليٽر موڪلي ٻوڏ متاثرن کان وڌيڪ ڪرايا وصول ڪندڙ ٽرانسپورٽرن ۽ عام واهپي سبزي ، چانور ، اٽو ، دالين ، سڪو کير ، کير ۽ ٻين شين جي اگھن ۾ هٿراڌو واڌ ڪندڙ واپارين خلاف قانوني ڪاروائي ڪري اهڙي رپورٽ 14 سيپٽمبر تي عدالت ۾ پيش ڪرڻ جا حڪم ڏنا ويا آهن، عدالت جي حڪم کانپوء اسٽنٽ ڪمشنر ڊاڪٽر شاهنواز ميراڻي سبزي ، هول سيل جي دوڪانن تي ڇاپا هڻي چيمبر آف ڪامرس جي اڳواڻ گل حسن پنهور جي پٽ عبدالعزيز سميت 5 واپارين کي گرفتار ڪرڻ سان گڏ 12 دوڪاندارن تي 5 هزار کان 10 هزار روپيا ڏنڊ هنيو آهي ، واپارين پاران انتظاميا جي اهڙي ڪاروائي خلاف احتجاج ڪيو آهي ۽ دوڪاندارن جو چوڻ آهي ته هو اٽو ۽ سبزي پنجاب مان پيا گهرائين ڪرايا وڌيڪ لڳڻ ڪري اگھ وڌايا آهن