دادو ۾ پ پ ۽ باغين ۾ دنگل: پير مجيب جو رفيق جمالي مٿان باغي بيهارڻ جو الزام

0
442
دادو ۾ پ پ ۽ باغين ۾ دنگل

ڪراچي(رپورٽ: اياز بروهي) سنڌ ۾ مڪاني چونڊن جو ٻيو مرحلو، دادو ضلعي جي سياست تي اثرکندڙ رفيق جمالي ۽ پير مظهر وچ ۾ ٽڪيٽن جي ورهاست واري معاملي تي اختلاف ظاهر، پ پ ايم پي اي پير مجيب جو رفيق جمالي تي سندس حامي اميدوارن سامهون آزاد اميدوار بيهارڻ جو الزام

پي ٽي آءِ به سرگرم، ان حوالي سان مليل ڄاڻ موجب سنڌ ۾ مڪاني چونڊن جي ٻئي مرحلي ۾ ڪراچي ۽ حيدرآباد ڊويزنن جي 16 ضلعن ۾ پيپلز پارٽي، پي ٽي آءِ، ايم ڪيو ايم، جي ڊي اي کانسواءِ  آزاد اميدوار وڏي انگ ۾ ميدان ۾ لٿل آهن، پنهنجو منفرد جادو رکندڙ دادو ضلعي ۾ به چونڊ سرگرميون جاري آهن، ورتل جائزي موجب دادو ضلعي ۾ پ پ قيادت هن ڀيري به ايم اين اي رفيق جمالي ۽ ايم پي اي پير مجيب توڙِي  پير مظهر کي هڪ پيج تي ناهي آڻي سگھي

تازو دادو ضلعي مان چونڊيل ايم پي اي پير مجيب پاران پارٽي جي اعليٰ قيادت وٽ پنهنجي ئي پارٽي جي ايم اين اي رفيق جمالي خلاف شڪايت ڪئي وئي آهي، پير مجيب پارٽي قيادت کي آگاهي ڏني آهي ته جن اميدوارن کي اسان جي معرفت پارٽي جون ٽڪيٽون مليون آهن، رفيق جمالي انهن اميدوارن سامهون پارٽي جي مقامي عهديدارن کي آزاد اميدوار طور بيهاريو آهي

جنهن جو سڄو فائدو سندن مخالف جماعت پي ٽي آءِ جي اميدوارن کي ٿيندو. پ پ قيادت کي ٻڌايو ويو ته دادو جي وارڊ نمبر 9 تي پ پ سٽي جو سينيئر نائب صدر شاهجهان چنا، وارڊ نمبر 8 تي پ پ سٽي جو نائب صدر حاجي ممتاز چنا، وارڊ نمبر 7 تي پ پ اڳواڻ امير شاهه، وارڊ نمبر 4 تي پ پ اڳواڻ جمن خشڪ، يوسي پير شاهه جي چيئرمين جي سيٽ تي رفيق جمالي جو ساٿي عزيز الله جمالي آزاد اميدوار طور چونڊ وڙهي رهيا آهن

ان حوالي سان ”پنهنجي اخبار“ پاران رابطو ڪرڻ تي دادو جي وارڊ نمبر 9 تي آزاد اميدوار بيٺل پيپلز پارٽي سٽي دادو جي سينيئر نائب صدر شاهجهان چنا ٻڌايو ته آئون پ پ سٽي دادو جو سينيئر نائب صدر آهيان، منهنجو ووٽ بينڪ به آهي پر پير فيملي جي مخالفت سبب پارٽي مونکي ٽڪيٽ ناهي ڏني

هتي  سفارش تي ٽڪيٽون ڏئي مون سان نانصافي ڪئي وئي آهي. هوڏانهن وارڊ نمبر 8 تي آزاد اميدوار طور بيٺل پ پ جي مقامي اڳواڻ حاجي ممتاز چنا ٻڌايو ته آئون رفيق جمالي نه پر پنهنجي وارڊ جي عوام جي چوڻ تي آزاد اميدوار طور بيٺو آهيان، آئون پراڻو جيالو آهيان، هميشه پنهنجي هڙان عوام جي خدمت ڪئي آهي، هن چيو ته آئون ٽي ڀيرا وڏي ليڊ سان ڪائونسلر طور ڪامياب ٿي چڪو آهيان، هيل ٽڪيٽ نه ڏئي زيادتي ڪئي وئي آهي

ٻئي طرف  ”پنهنجي اخبار“ پاران رابطو ڪرڻ تي  پ پ ايم پي اي پير مجيب چيو ته مون پارٽي قيادت کي اپيل ڪئي آهي ته پ پ اميداورن خلاف آزاد حيثيت ۾ چونڊ وڙهندڙ  پ پ اڳواڻن خلاف پارٽي پاليسي تحت ڪاروائي ڪئي وڃي، هن چيو ته  پ پ جي باغين پاران هٿ کڻڻ جي صورت ۾ اسان جا اميدوار وڏي ليڊ سان ڪامياب ٿي سگھن ٿا. ٻئي طرف پ پ دادو جي ضلعي صدر رفيق جمالي سان هڪ کان وڌيڪ ڀيرا رابطي جي ڪوشش ڪئي وئي پر ساڻس رابطو نه ٿي سگھيو

هوڏانهن پيپلز پارٽي دادو جي سينيئر نائب صدر شبير ابڙو  پنهنجي اخبار کي ٻڌايو ته پيپلز پارٽي جو نشان تير آهي،  انهي باوجود ڪجهه اڳواڻ پ پ اميدوارن خلاف چونڊ وڙهي رهيا آهن، اسان جي چوڻ باوجود اهي هٿ کڻڻ لاءِ تيار ناهن، اسان انهن خلاف ڪارروائي لاءِ پارٽي قيادت کي لکنداسين