دادو ( رپورٽر ) دادو ۾ پ پ اڳواڻ تي پي ٽي آءِ اميدوار کنڀڻ جو ڪيس داخل  ڪيو ويو آهي. ان ڏس ۾ دادو ۾ بلدياتي اليڪشن چونڊ مهم دوران پي ٽي آء  اميدوار عبدالڪريم لنڊ کي کنڀڻ خلاف فرسٽ ايڊيشنل سيشن جج دادو جي عدالت جي حڪم تي پي پي اميدوار رحمت الله لنڊ سميت 4 ڄڻن خلاف جي خلاف بي سيڪشن ٿاڻي تي گناھ 100/2022 ، قلم 365/341 تحت ايف آء آر داخل ڪئي وئي آهي، جنهن ۾ فريادي ڄاڻايو آهي ته هٿ نه کڻڻ تي رحمت الله لنڊ سميت ڪاري رنگ جي ويگو گاڏي ۾ 4 هٿياربندن کيس دادو شهر جي دڙو روڊ واري گهر مان اغوا ڪري کڻي ويا هئا ، بي سيڪشن پوليس پاران عدالتي حڪم تي ايف آء آر داخل نه ڪرڻ تي پي ٽي آء اميدوار عبدالڪريم لنڊ فرسٽ ايڊيشنل سيشن جي عدالت ۾ بي سيڪشن پوليس خلاف توهين عدالت جي درخواست داخل ڪئي جنهن تي عدالت بي سيڪشن ٿاڻي جي ايس ايڇ او کي عدالت ۾ طلب ڪري هڪ ڪلاڪ اندر ايف آء آر داخل ڪري رپورٽ عدالت پيش ڪرڻ جو حڪم ڏنو هو.