دادو ( رپورٽر ) سنڌ ۾ لاڪ ڊائون ۽ شادي هالن تي پابندي باوجود دادو شهر جي مرکپور پاڙي جي هڪ شادي هال ۾ صنم نالي هڪ کدڙي فقير جي سالگرھ تقريب ملهائي وئي جنهن ۾ وڏي انگ ۾ شهرين شرڪت ڪئي ، کدڙي فقير جي سالگرھ تقريب دوران نون ويسن ۽ هار سينگار ڪري پهتل سندس ساٿي کدڙن فقيرن پاران انڊين گانن تي ڊانس آئٽم پيش ڪري شهرين کي جهومائي ڇڏيو ، تقريب جي اطلاع تي بي سيڪشن ٿاڻي جي پوليس تقريب تي ڇاپو هنيو ، ڇاپي دوران کدڙا فقير ۽ مهمان کسڪي هليا ويا ، پوليس ايڪو سائونڊ واري کي گرفتار ڪيو آهي، مرکپور پاڙي جي رهواسين ٻڌايو ته بي سيڪشن ٿاڻي جي پوليس هٿ وٺي کدڙن فقيرن ۽ سندن مهمانن کي ڀڄڻ جو موقعو ڏنو، پوليس موبائيلون پري کان سائرن وڄائينديون پهتيون انهيء دوران کدڙا فقير ۽ سندن مهمان آرام سان کسڪي هليا ويا ، بي سيڪشن ٿاڻي جي ايس ايڇ او غلام حيدر پنهور ٻڌايو ته کدڙي فقير جي سالگرھ تقريب جو جئين ئي اطلاع مليو ڇاپو هنيو پر کدڙا فقير ۽ سندن مهمان کسڪي ويا آهن جن بابت جاچ ڪئي پئي وڃي.