ميهڙ (ن پ ا) ڊي ايچ او دادو سنڌ حڪومت جي ٻوڏ متاثرين لاءِ مڇر دانيون ڏيڻ واري اعلان جي ترديد ڪري ڇڏي، ضلعي ۾ ڪابه  مڇر داني ناھي ڏني، ڊي ايچ او دادو ڊاڪٽر احمد علي سميجو لکت ۾ ترديد ڪري ڇڏي آھي، ان ڏس ۾  سنڌ حڪومت پاران دادو ضلعي ۾ ٻوڏ متاثرين لاءِ  32000 مڇردانيون موڪلڻ واري اعلان کان پوءِ ڊي ايچ او دادو  پنھنجي اعليٰ اختيارين کي خط لکي ٻڌائي ڇڏيو ته  مون کي ڪي به 32 ھزار مڇردانيون نه مليون آھن، ڊي ايچ او دادو پاران سيڪريٽري ھيلٿ ، ڊي جي صحت ۽ ٻين کي خط لکي آگاھ ڪري ڇڏيو آھي. واضح رھي ته سنڌ حڪومت جا ترجمان دادو ۾ 32000 ھزار مڇردانيون ڏيڻ جون دعوائون ڪندا رھيا آھن.