دادو ( رپورٽر ) دادو ۾ ٻني مان مرچ پٽڻ کان روڪڻ تي مالڪ کي ڏانٽا هڻي زخمي ڪيو ويو. ڳوٺ چنگلاڻي ۾ ٻنيءَ مان مرچ پٽڻ کان روڪڻ تي ڏاٽي جا ڌڪ هڻي زمين جي مالڪ عبدالستار برهماڻي کي زخمي ڪيو ويو آهي ، جنهن کي دادو اسپتال جي ايمرجنسي وارڊ ۾ داخل ڪيو ويو، زخمي موجب نادر کوسو ۽ ٻيا سندس زمين مان چوري مرچ پٽي رهيا هئا منهنجي پهچڻ تي ڏاٽي جا ڌڪ هڻي زخمي ڪيو آهي.