دادو (رپورٽ: فتاح شيخ) دادو شهر جي نادره آفيس سامهون موٽر سائيڪل سوار هٿياربندن پسٽل جا فائر ڪري بوبڪ جي رهواسي 55 سالن جي محمد قاسم کوسو کي زخمي ڪري فرار ٿي ويا،  زخمي کي دادو اسپتال جي ايمرجنسي وارڊ ۾ داخل ڪرڻ بعد  کيس ڳڻتي جوڳي حالت ۾ سيوهڻ اسپتال نيو ويو ، جتي زخمن جي سٽ نه سهي پيرسن دم ڏئي ڇڏيو، ٻي طرف مارجي ويل محمد قاسم پٽ عارف کوسو جي وارثن موجب ته هڪ سال اڳ محمد اشرف جو قتل ٿيو هو، جنهن جي پلاند ۾ بلاول کوسو ۽ ٻين هٿياربندن کي فائرنگ ڪري محمد قاسم کي قتل ڪيو آهي ، فائرنگ سبب دڪاندارن ۽ شهرين ۾ ڀاڄ پئجي وئي. جڏهن ته واقعي جو ڪيس داخل نه ٿي سگهيو.