دادو ( رپورٽر ) دادو شهر جي غريب آباد پاڙي جي رهواسي 17 سالن جي راشد آرائين گهرو ڳالهين تان ماءُ ۽ پيءُ  سان منهن ماري ڪرڻ کان پوءِ ڪاوڙ ۾ اچي زندگي جو انت آڻڻ لاءِ ڪوئا مار زهريلي دوا کائي ڇڏي ، راشد آرائين کي نيم بيهوشي واري حالت ۾ کڻائي دادو اسپتال جي ايمرجنسي وارڊ ۾ داخل ڪيو جتي واش ڪرڻ لاءِ نڪ ۾ نلڪي لڳائڻ جي ڪئي ته دوا پيئندڙ راشد ، ٽيڪنيشن ، ڊسپينسرن کي ڌڪا ٿيلها ڏئي وارڊ مان نڪري ڊوڙندو مسجد ۾ وڃي ويهي رهيو جتان ماءُ پيءُ کيس منٿون ميڙون ڪري واپس ايمرجنسي وارڊ وٺي آيا ، جتان ٻيهر دوا پيئندڙ ڀڄي اسپتال جي گيٽ وٽ پهتو ته ايمبولنس جا ڊرائيور کيس پڪڙي وٺي آيا ، دوا پيندڙ راشد کي سيوهڻ اسپتال ريفر ڪيو ويو آهي