دادو (رپورٽر ) دادو جي فورٿ ايڊيشنل سيشن جج قاضي محمد نعيم صديقي جي عدالت نينگري سان زيادتي جو ڏوھ ثابت ٿيڻ تي جوابدار راشد پنهور کي 20 سال قيد جي سزا ۽ هڪ لک ڏنڊ جو فيصلو ٻڌايو آهي ، جوابدار راشد پنھور 6 مهينا اڳ دادو شهر جي ملاح چونڪ جي رهواسڻ 5 ڪلاس جي شاگردياڻي سحرش سومرو کي جنسي حوس جو نشانو بڻايو هو. واقعي جو ڪيس دادو جي اي سيڪشن ٿاڻي تي نينگري جي والد جاويد سومرو جي فرياد تي داخل ڪيو ويو هو جنهن ۾ ڏوھ ثابت ٿيڻ تي عدالت جوابدار کي سزا ٻڌائي آهي ، سزا ٻڌايل جوابدار کي پوليس جي سخت پهري ۾ سينٽرل جيل حيدرآباد نيو ويو آهي.