ميھڙ(ن پ ا) دادو ضلعي ۾ ميهڙ سميت مختلف علائق ۾ مڪاني چونڊن لاءِ ٻوڏ متاثرن جي رليف جو ڪم بند ڪرڻ جو حڪم ڏنو ويو آهي. ان ڏس ۾   ڊي سي دادو ۽ ڊسٽرڪٽ ريٽرننگ آفيسر سيد علي مرتضيٰ شاھ پاران دادو ضلعي ۾ ايندڙ 15 جنوري تي مڪاني چونڊن واري اعلان سبب ضلعي ۾ ٻوڏ متاثرين جي سھائتا لاء ڪم ڪندڙ سمورن ڏيھي توڙي پرڏيھي اين جي اوز توڙي ادارن کي فوري طور ڪم بند ڪرڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو آھي ضلعي اندر ڪم ڪندڙ اين جي اوز کي فوري طور پنھنجو ڪم بند ڪرڻ ۽ ٻي صورت ۾ سندن خلاف ڪاروائي جو چتاء ڏنو ويو آھي، ڊي سي دادو پاران اھڙو نوٽفڪيشن جاري ڪيو ويو آھي واضع رھي تہ دادو ضلعي جي ميھڙ سميت مختلف شھرن توڙي ڳوٺن ۾ ھن وقت به ٻوڏ جو پاڻي بيٺل آھي سرڪار پاران واھر نہ ٿيڻ کان پوء سماجي ادارن پاران رليف ورڪ شروع ڪيو ويو آھي جيڪو مڪاني چونڊن سبب بند ڪيو ويو آھي.