دادو ( رپورٽر ) دادو شهر جي ريلوي لائن ڀرسان مڙس خالد لنڊ زال ڪائنات لنڊ کي مبينا طور رسن سان هٿ پير ۽ وات ٻڌي ويران جڳھه ۾ بند ڪري ڇڏيو، ڪائنات جي پيءُ ۽ ڀائرن بند پيل جڳھه جا تالا ٽوڙي ڪائنات کي آزاد ڪرايو. متاثر عورت ڪائنات دانهيو آهي ته ڀائر ملڻ آيا هئا جنهن تان مڙس خالد لنڊ ناراض ٿي تشدد ڪيو ۽ منهنجا هٿ پير رسن سان وات تي ڪپڙو ٻڌي 24 ڪلاڪن کي هن جڳھه ۾ بند ڪري ڇڏيو، سڄي رات ٿڌ ۾ تڙپي آهيان، بي سيڪشن تي ڪائنات جي پيء ظهور لنڊ جي فرياد تي ڪائنات جي مڙس خالد، ڏير احمد، حنيف لنڊ ۽ خالد لنڊ جي ماء سميران سميت 5 ڄڻن خلاف ايف آء آر داخل ڪري ڪائنات جي مڙس خالد لنڊ کي گرفتار ڪري ورتو آهي، ٻئي طرف ٻه ڏينهن ڪائنات جي مڙس خالد لنڊ ماء سميرا سان گڏ دادو پريس ڪلب پهچي سخت احتجاج ڪندي داهيو هو ته ڪائنات سان 8 مهينا اڳ شادي ٿي هئي، 6 مهينن کان مائٽ ڪائنات کي وٺي ويا ۽ طلاق لاء ڌمڪيون ڏين ٿا، پوليس ۾ هئڻ ڪري ڪوڙن ڪيسن ۾ ڦاسائڻ قتل ڪرڻ جون ڌمڪيون ڏئي رهيا آهن.