دادو ( رپورٽر ) دادو ۾ بجلي جي بدترين لوڊشيڊنگ ، واٽر سپلاء پاڻي بند هئڻ ۽ سول اسپتال ۾ علاج جون سهولتون نه هئڻ خلاف شهري روڊن تي اچي ويا آهن ، رابطا ڪاميٽي جي سڏ تي غلام مصطفي جانوري ، فاروق جتوئي ۽ عارف جمالي ، ياسين چنو ۽ وزير زئونر جي اڳواڻي ۾ ڪچهري روڊ تي ٽينٽ لڳائي بک هڙتال  ڪئي وئي. مظاهرين دانهيو آهي ته دادو شهر ۾ 16 کان 18 ڪلاڪ بجلي جي بدترين لوڊشيڊنگ ڪئي وڃي ، شهر ۾ واٽر سپلاء پاڻي جي فراهمي بند پيل آهي ، ضلعي جي واحد سول اسپتال ۾ علاج جون سهولتون نه هئڻ ڪري مريض تڙپي تڙپي فوت ٿين ٿا ، مظاهرين مطالبو ڪيو آهي ته ميونسپل ، پبلڪ هيلٿ ۽ صحت کاتي دادو ۾ 10 سالن دوران آيل فنڊن جي جاچ ڪرائي ڪرپشن ۾ ملوث آفيسرن خلاف قانوني ڪاروائي ڪئي وڃي.