دادو (رپورٽر) دادو شهر جي مجيد ڪالوني ۾ بجلي جي پول ۾ کليل پي وي سي تار مان ڪرنٽ لڳڻ سبب 12 سالن جو علي رضا پٽ رستم ملاح سخت زخمي ٿي پيو،  جنهن کي ڳڻتي جوڳي حالت ۾ دادو اسپتال جي ايمرجنسي وارڊ پهچايو ويو ، جتي زخمي نينگر فوت ٿي ويو، وارثن جو چوڻ آهي ته نينگر   ڦاٿل لغڙ لاهڻ لاءِ بجلي جي پول تي چڙهيو ته کليل پي وي سي تار مان ڪرنٽ لڳڻ سبب فوت ٿيو آهي.