دادو ( رپورٽر ) دادو ۾ عدالت قتل جي ٽن جوابدارن کي جنم ٽيپ ۽ ڏنڊ جي سزا ٻڌائي ڇڏي آهي. ان ڏس ۾ دادو جي ماڊل ڪرمنل ٽرائل ڪورٽ قتل ڪيس ۾ ڏوھ ثابت ٿيڻ تي 3 جوابدارن عبدالرحيم ، صحبت ۽ غلام نبي چانڊيو کي عمر قيد ۽ ٻه ٻه لک ڏنڊ جي سزا ٻڌائي ڇڏي آهي ، سزا ٻڌايل جوابدارن خلاف 2021 ۾ فريدآباد ٿاڻي تي غلام محمد چانڊيو جي فرياد تي ٽنهي جوابدارن تي زمين جي تڪرار تان منٺار چانڊيو کي قتل ڪرڻ جو ڪيس داخل ڪيل هو