دادو (رپورٽر ) دادو ڀرسان سيداڻڪو پوٺو ۾ فصل جي ڀيل تان پنهور برادري جي ٻن ڌرين وچ ۾  جهيڙو ٿي پيو، نتيجي ۾ ڪهاڙين جا ڌڪ لڳڻ سبب بشير پنهور ۽ سندس زال ارباب خاتون زخمي ٿي پيا، زخمين کي دادو اسپتال منتقل ڪيو ويو، جتي  گائني وارڊ ۾ سرٽيفڪيٽ جي معاملي تان ڊيوٽي ڊاڪٽر ۽ زخمي عورت جي وارثن ۾ منهن ماري ۽ جهڙپن بعد پوليس زخمي عورت ۽ سندس وارثن کي گائني وارڊ مان ڪڍي ڇڏيو ، ٻي طرف  زخمي بشير پنهور ، سندس زال ارباب خاتون ۽ سندن وارثن احتجاج ڪندي دانهيندي چيو ته عورت ڊاڪٽر سرٽيفڪيٽ ڏيڻ بدران کين ڌڪا ڏياري گائني وارڊ ٻاهر ڪڍي ڇڏيو آهي ،انصاف ڪيو وڃي.