دادو ۾ عورت کي رسن سان ٻڌي تشدد جو نشانو بڻائڻ جو انڪشاف

0
223
دادو ۾ عورت کي رسن سان

دادو ۾ گهرواري کي رسن سان ٻڌي قيد ڪرڻ ۽ بدترين تشدد جو نشانو بڻائڻ جي الزام هيٺ آيل شخص جي وارثن احتجاج ڪيو آهي

جوابدار جي وارثن الزام هنيو آهي ته ڪائنات لنڊ کي سندس پيءَ رسن سان ٻڌي ڊرامو رچايو ۽ الزام خالد لنڊ تي لڳايو

الزام هيٺ آيل شخص جي وارثن ٻڌايو ته خالد لنڊ پنهنجي گهرواري کي نه ٻڌو هو، پوليس سندس ماءُ سميت 3 ڄڻن کي کنڀي کڻي وئي آهي

هنن الزام هنيو ته خالد لنڊ ۽ سندس ماءُ سميرا لنڊ ڪائنات جي پيءُ ۽ ڀائرن خلاف رپورٽ داخل ڪرائي هئي

ھي به پڙھندا

ملير واقعو: اهي منظر بيان نٿي ڪري سگهان:جوابدار جي امڙ جون دل جهوريندڙ ڳالهيون