دادو (رپورٽر ) سياري جي موسم شروع ٿيندي ئي جوهي جي ٻوڏ متاثرن جا اهنج وڌي ويا ، ڪي اين ۽ جوهي تعلقن جي ڳوٺن ۾ دادو انتظاميا جون ٽيمون نه پهتيون، انتظاميا ٻوڏ متاثرن لاء آيل ڪمبل ، گرم ڪپڙا ، ٿانو ۽ راشن ، وڏيرن حوالي ڪري ڇڏيو آهي جوهي جي ڳوٺ خان محمد شاهي جي رهواسين جان محمد ، خالد حسين ، مختيار احمد شاهي جي اڳواڻي ۾ ٻوڏ متاثر ڳوٺاڻن ڊي سي آفيس ۽ ڊي سي هائوس آڏو دادو لاڙڪاڻو انڊس هاء وي تي ڌرڻو هڻي ٽريفڪ بند ڪري ڇڏي ، مظاهرين جو چوڻ آهي ته سندن ڳوٺ ٻوڏ ۾ تباھ ٿي ويو آهي ، گهر ڊهي پيا آهن ، سياري باوجود کلي آسمان هيٺ ويٺل آهيون ، نه راشن ڏنو ٿو وڃي نه ٽينٽ ۽ گرم ڪپڙا ڏنا وڃن ٿا، ڪڻڪ جي پوکي هلي پئي پر اڃا اعلانيل ٻج ، ڀاڻ به نه ٿو ڏنو وڃي ، مظاهرين چتاء ڏنو آهي ته جيڪڏهن ٻج ، ڀاڻ ، راشن ۽ گرم ڪپڙا نه ڏنا ويا ته هو ٻيهر ڌرڻو هڻندا.