دادو ۾ سيارو ايندي ئي ٻوڏ متاثرن جا اهنج وڌي ويا، جوهي، ڪي اين شاهه واسي متاثر پريشان

0
289
دادو ۾ سيارو ايندي ئي ٻوڏ متاثرن

دادو (رپورٽر ) سياري جي موسم شروع ٿيندي ئي جوهي جي ٻوڏ متاثرن جا اهنج وڌي ويا ، ڪي اين ۽ جوهي تعلقن جي ڳوٺن ۾ دادو انتظاميا جون ٽيمون نه پهتيون، انتظاميا ٻوڏ متاثرن لاء آيل ڪمبل ، گرم ڪپڙا ، ٿانو ۽ راشن ، وڏيرن حوالي ڪري ڇڏيو آهي

جوهي جي ڳوٺ خان محمد شاهي جي رهواسين جان محمد ، خالد حسين ، مختيار احمد شاهي جي اڳواڻي ۾ ٻوڏ متاثر ڳوٺاڻن ڊي سي آفيس ۽ ڊي سي هائوس آڏو دادو لاڙڪاڻو انڊس هاء وي تي ڌرڻو هڻي ٽريفڪ بند ڪري ڇڏي

Pakistan to breach main highway to protect town of Dadu from floods

 متاثرن جو چوڻ ھو ته سندن ڳوٺ ٻوڏ ۾ تباھ ٿي ويو آهي ، گهر ڊهي پيا آهن سياري باوجود کلي آسمان هيٺ ويٺل آهيون ، نه راشن ڏنو ٿو وڃي نه ٽينٽ ۽ گرم ڪپڙا ڏنا وڃن ٿا،

مظاھرين موجب ڪڻڪ جي پوکي هلي پئي پر اڃا اعلانيل ٻج ، ڀاڻ به نه ٿو ڏنو وڃي ، مظاهرين چتاء ڏنو آهي ته جيڪڏهن ٻج ، ڀاڻ ، راشن ۽ گرم ڪپڙا نه ڏنا ويا ته هو ٻيهر ڌرڻو هڻندا

ھي به پڙھندا

سنڌ جي ٻوڏ متاثر علائقن مان جلد پاڻي نيڪال ڪيو وڃي: وڏو وزير