دادو ( رپورٽر ) ٽريزي آفيس دادو ۾ ڪرپشن ۽ رٽائر ملازمن کي رٽائرمنٽ جون ادائگيون نه ڪرڻ خلاف ڪالھ ٻئي ڏينهن تي پڻ پ ٽ الف جي سڏ تي عنايت جمالي ، لياقت ڀٽي ، امتياز لنڊ ، امان الله هنڱورو ۽ جهنڊو خان ٻٻر جي اڳواڻي ۾ سوين استادن هٿن ۾ بينر ۽ پلي ڪارڊ کڻي ٽريزري آفيسر خلاف احتجاجي مظاهرو ڪري شهر جي مک ڪچهري روڊ تي ڌرڻو هڻي ٽريفڪ بند ڪري ڇڏي، احتجاج ڪندڙ استادن داهيو آهي ته ٽريزري آفيسر پاران ملازمن جي رٽائرمنٽ جي بلن تي به 15 سيڪڙو رشوت مقرر ڪري ڇڏي آهي، جيڪا نه ڏيڻ تي رٽائر ٿيندڙ سوين ملازمن کي هڪ هڪ سال گذرڻ  باوجود گريجوئيٽي ، جي پي ۽ ٻيون ادائگيون روڪيون ويون آهن ، ساڳئي وقت ايجنٽن معرفت 15 سيڪڙو ڪميشن ڏيندڙن کي هڪ مهيني اندر ادائگيون ڪيون وڃن ٿيون ، ملازمن کان هر ڪم تي ڪميشن ورتي وڃي ٿي ، هنن مظالبو ڪيو ته ٽريزري مان رشوت جي بازار ختم ڪرائي ملازمن کي ادائگيون ڪيون وڃن نه ته احتجاج جاري رهندو.