دادو (رپورٽر) دادو شهر جي پوليس هيڊ ڪواٽر، ايڪسائيز آفيس کان دادو سيوهڻ روڊ ، جڳت آباد ، سورج آباد سميت شهر جي ڪيترن ئي پاڙن ۾ گٽر ۽ نالا اٿلڻ سبب روڊن ، رستن تي ڊرينيج جو گندو پاڻي تلائن جي صورت ۾ بيهي ويو آهي، روڊن ، رستن تي پاڻي بيهڻ سبب ڪروڙين رپين جي لاڳت سان تعمير ڪيل دادو لاڙڪاڻو ، دادو ، سيوهڻ روڊ ، پوليس هيڊ ڪواٽر روڊ هنڌان هنڌان اکڙي ويو آهي، جنهن سبب رڪشا ڪلٽي ٿيڻ سان گڏ موٽر سائيڪل وارن کي پڻ ڌڪا اچڻ معمول بڻجي ويا آهن، ٻي طرف علائقي واسين  خدا بخش ، علي نواز ، ذوالفقار ۽ ٻين دانهيندي چيو ته  گٽر ۽ نالا اٿلڻ سبب روڊن رستن تي گندو پاڻي بيهڻ ڪري ڪاوبار سخت متاثر ٿيا آهن، شڪايتن باوجود ڪير دانهن ٻڌڻ وارو ناهي، نوٽيس وٺي پاڻي نيڪال ڪرايو وڃي.