دادو ۾ ايڊمنسٽريٽر ۽ ميونسپل ملازمن وچ ۾ وردي جا بلز ادا نه ٿيڻ تي پيدا ٿيل تڪرار تيز

0
412

دادو (ن پ ا) دادو ۾ ايڊمنسٽريٽر ۽ ميونسپل ملازمن وچ ۾ وردي جا بلز ادا نه ٿيڻ تي پيدا ٿيل تڪرار تيز، ميونسپل ملازمن آفيسز جي تالابندي ڪري ڇڏي، سوين ميونسپل ملازمن جو ايڊمنسٽريٽر خلاف مظاهرو، ملازمن الزام هنيو آهي ته ايڊمنسٽريٽر محمد علي لنڊ وردين جا بلز ادا نٿو ڪري ۽ رشوت وٺي ڪم ڪندو آهي، عيد جي موقعي تي به بلز جي ادائگي نه ٿيڻ سبب ملازم پريشانين جو شڪار ٿي ويا آهن، ملازمن سان تڪرار وڌي وڃڻ بعد ايڊمنسٽريٽر به چارج ڇڏي ڏني، محمد علي لنڊ الزامن کي رد ڪندي چيو آهي ته دادو جي ميونسپل کاتي ۾ ڪرپٽ مافيائون ويٺيون آهن، اُهي ايماندار آفيسرز کي ڪم ڪرڻ نٿيون ڏين.