دادو ۾ آزاد اميدوار جي ڪاميابي شڪست ۾ تبديل، ڌرڻو

0
339

دادو/ جوهي (نمائندن وٽان) جوهي جي يونين ڪائونسل پير مشائخ تان ڪامياب ٿيل آزاد پينل جي اميدوار علي اڪبر پنهور جي ڪاميابي شڪست ۾ تبديل ٿي وئي، آر او ووٽن جي ٻيهر ڳڻپ بعد پيپلزپارٽي جي اميدوار شفيع محمد لغاري کي ڪامياب قرار ڏئي ڇڏيو

دادو ۾ جوهي جي هارايل آزاد اميدوار پاران حامين سميت ڄامشورو روڊ تي ڌرڻو هنيو ويو، اليڪشن عملي تي ڌانڌلي جا الزام هنيا ويا آهن

آزاد اميدوار آفتاب پنهور جو چوڻ هو ته جوهي جي يوسي پير مشائق تي پ پ  اميدوار شفيع محمد لغاري کي هارايو هو، ٻيهر ڳڻپ دوران گهٽ ووٽ ڏيکاري پ  پ اميدوار شفيع محمد لغاري کي  ڪامياب قرار ڏنو ويو آهي

آزاد اميدوار ۽ ان جي حامين جو وڌيڪ چوڻ هو ته اليڪشن ڪميشن جو عملو ڌر  بڻيل آهي، ڌانڌلي ذريعي مون کي  هارايو ويو آهي، نتيجن کي نٿا مڃون،معاملي کي حل ڪيو وڃي

جڏهن ته 4 ڏينهن اڳ مڪاني چونڊن بعد آزاد اميدوار علي اڪبر پنهور کي 1990 ووٽن سان ڪامياب قرار ڏنو ويو هو، پيپلزپارٽي جو اميدوار 1894 ووٽ کڻي هارائي ويو هو

 ووٽن جي ٻيهر ڳڻپ بعد آزا اميدوار جا ووٽ 1990 مان گهٽجي 1882 ٿي ويا، هارايل پ پ اميدوار جا ووٽ 4 ووٽن جي اضافي سان 1898 ٿي ويا، آر او پاران پ پ جي هارايل اميدوار کي 16 ووٽن جي سرسيءَ سان ڪامياب قرار ڏنو ويو

هي به پڙهندا

احتجاج رنگ لاتو، نياز علي ٻرڙو سميت 8 ڪائونسلرز جي ڪاميابيءَ جا نتيجا جاري