دادو ڀرسان شادي جي ٽن ڏينهن کانپوءِ ڪنوار سان مبينا اجتماعي زيادتي جو انڪشاف

0
373

دادو ڀرسان شادي جي

دادو(ن پ ا) دادو ڀرسان رڪڻ واري علائقي ۾ شادي جي ٽن ڏينهن کانپوءِ ڪنوار ڪونج ڌيءِ منظور پنهور سان مبينا اجتماعي زيادتي جو انڪشاف ٿيو آهي

ڪونج جي پيءُ منظور فرسٽ ايڊيشنل سيشن جج جي عدالت ۾ 22 اي بي جي درخواست داخل ڪرائيندي موقف اختيار ڪيو ته سندس نياڻي کي اجتماعي زيادتي جو نشانو بڻايو ويو آهي

فرسٽ ايڊيشنل ايس ايڇ او رڪڻ کي 20 جنوري تي طلب ڪري ورتو ، عدالت پاران ڪونج جي ميڊيڪل ڪرائڻ جو به حڪم ڏنو ويو آهي

ڪونج پنهنجي مڙس معشوق ۽ سندس ڀائرن محبت ۽ شهزور پنهور تي اجتماعي زيادتي ڪرڻ بابت پيءُ سان شڪايت ڪئي آهي