دادو ( رپورٽر ) اميناڻي ڀرسان زمين جي تڪرار تان ذوالفقار ڀنڊ ۽ مسلم ليگ ن جي اڳواڻ مقدس ڀنڊ جي وچ ۾ ڇڪتاڻ تيز ٿي وئي. انڌانڌ فائرنگ سبب الهڏنو پٽ ماڪوڙو سولنگي مارجي ويو ۽ علي خان ملاح گوليون لڳڻ سبب سخت زخمي ٿي پيو . مارجي ويل جو لاش ۽ زخمي کي دادو اسپتال پهچايو ويو ، زخمي علي خان ملاح کي ڳڻتي جوڳي حالت ۾ نوابشاھ اسپتال نيو ويو آهي، ذوالفقار ڀنڊ دانهيو آهي ته خيرو ديرو ۾ سندن خانداني 300 ، جريب زرعي زمين آهي جنهن تي مسلم ليگ ن جي اڳواڻ مقدس ڀنڊ، ماجد ڀنڊ ۽ ٻين زبردستي قبضو ڪيو ۽ اسان جا هاري اڄ زمين تان واپس موٽي رهيا هئا ته مخالفن جي هٿياربندن فائرنگ ڪري الهڏنو سولنگي کي قتل ۽ علي خان ملاح کي زخمي ڪيو آهي ۽ اسان جي ٻن هارين ممتاز ملاح ۽ اياز سولنگي کي هٿيارن جي زور تي اغوا ڪري ويا آهن ، واقعي ۾ ملوث جوابدارن خلاف ڪيس داخل ڪري اغوا ڪيل هارين کي آزاد ڪرايو وڃي ، ٻئي طرف مقدس ڀنڊ جو چوڻ آهي ته واقعي ۾ ملوث ناهيون ، مون تي قاتلاڻو حملو ڪيو ويو ، ڪوڙا ڪيس داخل ڪرايا ويا ، مان بار بار پريس ڪانفرنس ڪري انتظاميا کي مداخلت جون اپيلون ڪندو رهيس ، هن چيو ته ذوالفقار ڀنڊ وارن زمين ابڙا برادري جي ماڻهن کي وڪرو ڪئي جن کان اسان خريد ڪئي آهي جنهن تي ذوالفقار وارن قبضو ڪرڻ سازش تحت پنهنجي هاري کي قتل ڪرايو آهي واقعي جي اڻڌري جاچ ڪرائي حقي جوابدارن کي گرفتار ڪيو وڃي