دادو: پوليس کان تنگ ٿي شهري عدالت پهچي ويو

0
269

دادو (ن پ ا) دادو جي بي سيڪشن ٿاڻي جي پوليس جيئڻ حرام ڪري ڇڏيو، دوڪاندار پوليس خلاف عدالت پهچي ويو، عامر علي سومرو عدالت ۾ درخواست ڏيندي چيو آهي ته مرکپور ۾ لوڊ جو دوڪان آهي، ماءُ کي ڏيکارڻ لاءِ موٽر سائيڪل تي کڻي اسپتال ويس پئي ته پوليس تذليل ڪئي، موٽر سائيڪل جا ڪاغذ هوندي گاڏي 550 ۾ چالان ڪئي، پوليس اهلڪار ڀتو ڏيڻ لاءِ منشيات جي ڪوڙن ڪيسن ۾ ڦاسائڻ جون ڌمڪيون پيا ڏين، هفتي کان گهران ناهيان نڪتو، فرسٽ ايڊيشنل سيشن جج نديم بدر قاضي جي عدالت بي سيڪشن ٿاڻي جي ايس ايڇ او کي طلب ڪري ورتو ، عدالت چيو ته توهان شهرين کي تحفظ ڏيڻ بدران تنگ ڇو پيا ڪريو، عدالت ايس ايس پي دادو ۽ ايس ايڇ او بي سيڪشن کي نوجوان کي تحفظ ڏيڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو.