دادو ( رپورٽر ) شهيد مخدوم بلاول ڀرسان مهينو اڳ لاکو ڀيل جي ٻڪري چوري واري معاملي ۾ ايس ايس پي جي حڪم تي اي سيڪشن پوليس لاکو ڀيل جي ٻڪري هٿ ڪرڻ بدران ڪڇي جي ڳوٺ مريد جا ڀاڻ ۾ بيواھ حاڪم زادي شاهاڻي جي گهر مان ٻڪري ڪاهي لاکو ڀيل کي ڏئي ڇڏي. ايس ايڇ او اشفاق احمد منگي لاکو ڀيل کي ٻڪري واپس ڪرڻ جا ڦوٽيج سوشل ميڊيا تي رکيا ٻئي طرف بيواھ ٻڪري واپس نه ڪرڻ تي ايس ايڇ او اي سيڪشن خلاف عدالت پهچي درخواست داخل ڪئي آهي ، عدالت بيواھ حاڪم زادي کي تحفظ فراهم ڪرڻ جو حڪم ڏنو آهي ، بيواھ حاڪم زادي دانهيو آهي ته پوليس منهنجي گهر ۾ گهڙي 4 ٻڪريون کڻي وئي، ايس ايس پي وٽ شڪايت ڪئي جنهن جي چوڻ تي پوليس 3 ، ٻڪريون واپس ڪيون ۽ چوٿئين ٻڪري لاکو ڀيل کي ڏني آهي ، ٻڪري گهرڻ تي ايس ايڇ او منهنجي پٽ پنهل کي قتل ڪرڻ ۽ چرس جي ڪيس ۾ ڦاسائي جيل موڪلڻ جون ڌمڪيون ڏنيون آهن، ياد رهي ته هڪ مهينو اڳ شهيد مخدوم بلاول ڀرسان ٿر جي لاڏائون لاکو ڀيل جي ٻڪري چوري ٿي وئي هئي ، لاکو ڀيل ۽ سندس زال گلابان پاران پاڪ ڪتاب کڻي پڙهيو ڏيڻ جي وڊيو وائرل ٿيڻ تي ايس ايس پي دادو نوٽيس وٺي اي سيڪشن ٿاڻي جي ايس ايڇ او کي ٻڪري واپس ڪرائڻ جو چيو هو اي سيڪشن پوليس لاکو ڀيل جي چوري ٿيل ٻڪري ته هٿ نه ڪئي پر بيواھ جي ٻڪري ڪاهي لاکو ڀيل کي ڏئي ڇڏي.