دادو: دادو ۾ بي سيڪشن پوليس پڻ مبينا مقابلي ۾ بشير عرف بشو چانڊيو کي گرفتار ڪرڻ کانپوءِ ڄنگھه ۾ گولي هڻي کيس هاف فراءِ ڪيو هو جيڪو پڻ رت بند نه ٿيڻ سبب فوت ٿي ويو هو ، جنهن جي وارثن پاران ڀرپور احتجاج ڪرڻ کانپوءِ بي سيڪشن ٿاڻي جي اهلڪارن خلاف اي سيڪشن ٿاڻي ايف آءِ آر داخل ڪئي وئي هئي ۽ واقعي جي آء جي سنڌ پوليس جي حڪم اعلي سطحي جاچ پڻ ٿي جيڪا رپورٽ اڃا سامهون ناهي آئي.